جبران جا چار ناولٽ ڪتاب

جبران جا چار ناولٽ ڪتاب

جبران جا چار ناوليٽ

جبران جا چار ناوليٽ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب، لبنان جي پهاڙن ۾ جنم وٺندڙ، دنيا جي عظيم فلسفي ۽ دانشور خليل جبران جي چئن ننڍن ناولن جو گڏيل مجموعو آهي، جنهن کي گل محمد تنيي مرتب ڪيو آهي. هن گڏيل ڪتاب ۾ خليل جبران جا هيٺيان چار ناول ڏنا ويا آهن:

(1) پيغامبر (Prophet ):خليل جبران جي هن ناول جو اردوءَ مان سنڌي ترجمو گل محمد تنيي ڪيو آهي، ۽ ڪتاب جي 74 صفحن تي مشتمل آهي. هيءُ ناول خليل جبران جي شاهڪار ڪتابن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.

(2) مرشد جو پيغام (The Voice of the Master ):هن ناول جو سنڌي ترجمو مسعود جماليءَ ڪيو آهي. اصل عربيءَ ۾ لکيل هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ائنٿوني. آر. فيرس (Anthony. R. Ferris) ڪيو هو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز جي 75 صفحن تي مشتمل آهي.

(3) ڀڳل کنڀڙاٽيون (Broken Wings ):هيءُ ناول، اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو گل محمد تنيي ڪيو آهي ۽ ڪتاب 102 صفحن تي مشتمل آهي.

(4) بغاوت: هيءُ ناوليٽ، اردوءَ مان يوسف سنڌي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ڪتاب 78 صفحن تي مشتمل آهي.

هيءُ ڪتاب ’جبران جا چار ناوليٽ‘، روشني پبليڪيشن، ڪرائون سائيز ۾ 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو